برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد ڪامريڊ

برڪت علي آزاد، ڪامريڊ: سنڌ جو مشھور ترقي پسند اديب، شاعر، صحافي ۽ بيباڪ سياستدان، جيڪو پيدا ته ڀارتي صوبي پنجاب جي امرتسر شھر ۾ ٿيو، پر سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٺيٺ سنڌي بنجي ويو. سنڌ جو شيدائي، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ ترقي پسند اديب ٿي گذريو آهي. پرائمري ۽ ديني تعليم سنڌيءَ ۾ حاصل ڪيائين. 1930 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي انقلابي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ جو شوق هو، ترقي پسند ۽ انقلابي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪئين دفعا جيل ڪاٽيائين. ادبي لحاظ کان سندس شمار سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پھرينءَ قطار ۾ ٿئي ٿو. 1941ع ۾ روسي اديب ”ڪروپا ٽڪن جي ڪتاب“ جو ”نوجوانن ڏانھن“ عنوان سان ترجمو ڪيائين، جنھن ڪتاب جا محمد ابراهيم جويي جي مهاڳ سان ڇھن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ڪامريڊ برڪت علي ’آزاد‘ مھاتما گانڌيءَ جي آشرم ۾ به ڇھه مھينا کن تربيت حاصل ڪري 1935ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪجهه عرصو قيد رهيو، ان ساڳئي وقت پير صبغت الله شھيد به جيل ۾ قيد هو. ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو، سندس شاعري ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. سکر ۾ وڏي لائبرري هئس. هن جي رهائش سکر توڙي جيڪب آباد ۾ هئي. پاڻ 7 مارچ 1998ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1998.03.07  عيسوي

برڪت علي آزاد ڪامريڊ 7 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانجهاڻي عبدالستار
جکراڻي عبدالحق
حنيف صديقي
شوڀا لالچنداڻي
حفظ الله خان نواب
پير ڪرهيو ڀانڊاري
جادوگر
ثانيه مرزا
بيبي صغرا آپا
حنيف ساگر بڙدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون